اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مستونگ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جي ٽيم تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته معصوم شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙ انسانيت جي دشمن دهشتگردن کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف حملي ۾ پوليو ٽيم جي سيڪيورٽي تي مقرر ليويز اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ استقامت جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته معصوم شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙ انسانيت جي دشمن دهشتگردن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، اهڙي قسم جا واقعا پاڪستان حڪومت جي ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي جي عزم ۾ ڪا گهٽتائي نه ٿا آڻي سگهن، عوام مايوس نه ٿئي، پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري انهن جو مستقبل محفوظ بڻائي، پوليو جي خاتمي واري مهم هر صورت ۾ مڪمل تحريڪ سان جاري رهندي.