اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي اننت ناگ ۾ هڪ حملي ۾ سياحن جي جانين جي زيان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي اننت ناگ ۾ ٿيندڙ حملي بابت ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته اسان کي ضلعي اننت نانگ ۾ هڪ حملي ۾ سياحن جي جانين جي زيان تي ڳڻتي آهي. ترجمان چيو ته اسان مارجي ويلن جي پونئيرن سان تعزيت ڪريون ٿا ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جا خواهشمند آهيون.