واشنگٽن -23 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته آبادي ۾ اضافي ۽ موسمياتي تبديلي جهڙين وڏين چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ نجي شعبي جي سهڪار جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي آجيان ڪنداسين. هن اها ڳالهه آمريڪا ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ عالمي مالياتي ادارن ۽ آمريڪي ڪارپوريٽ ليڊرز سان اهم ملاقات ۾ ڪئي. ناڻي واري وزير کين ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ حڪومت طرفان مختلف شعبن ۾ سڌارن بابت آگاهه ڪيو. هن ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ دستياب موقعن ۽ حڪومت طرفان سيڙپڪارن کي سهولتن جي فراهمي لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته نجي شعبو معيشت جي انجڻ آهي، ملڪي اقتصادي ترقي کي اڳيان وڌائڻ ۾ نجي شعبي جو ڪردار اهميت رکي ٿو، نجي شعبي کي ان سلسلي ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ناڻي واري وزير چيو ته آبادي ۾ اضافو ۽ موسمياتي تبديليون پاڪستان لاءِ وجودي خطرو آهن، آبادي ۾ اضافو ۽ موسمياتي تبديلي جهڙين وڏين چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ نجي شعبي جي سهڪار جي ضرورت آهي. ان موقعي تي آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ چيو ته 250 ملين جي هڪ وڏي مارڪيٽ هئڻ سان گڏوگڏ پاڪستان وچ ايشيا، چين، وچ اوڀر ۽ آفريقي ملڪن جي حوالي سان گيٽ وي جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن آمريڪي سيڙپڪارن کي ملڪ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات ۽ زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. ان موقعي تي جاز جي سي اي او عامر ابراهيم حڪومتي معاشي پاليسين ۽ معيشت جي سگهه تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران مشهور آمريڪي ڪمپني فلپ مورس طرفان ملڪ ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جو اشارو ڏنو ويو. ڏکڻ ايشيا لاءِ عالمي بئنڪ جي علائقائي نائب صدر مارٽن ريزر معاشي استحڪام جي حوالي سان حڪومتي پاليسين جي تعريف ڪئي ۽ ان حوالي سان پاڪستان تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان لاءِ 40 ارب جو 10 سالن وارو پروگرام عالمي بئنڪ طرفان ملڪ سان وابستگي جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر بهادر بيجاڻي حڪومت جي معاشي پاليسين ۽ سڌارتي عمل جي تعريف ڪئي.