واشنگٽن ڊي سي-23 اپريل(اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جاگرافيائي سياسي صورتحال، واپاري ورڇ ۽ تحفظ پسندي جهڙن عالمي چئلينجز جي حوالي سان سڌارن جي عمل جي ضروت تي زور ڀريندي چيو آهي ته علائقائي راهدارين، واپاري رابطن ۽ ڏکڻ-ڏکڻ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ وقت جي ضرورت آهي. صوبن جي شراڪت تحت قومي مالياتي معاهدي تي عملدرآمد ذريعي پائيدار اقتصادي بنياد قائم ڪري رهيا آهيون. اها ڳالهه هن عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ عالمي بينڪ جي بهار جي مند جي سالياني اجلاس جي ٻئي ڏينهن اعلي سطحي ملاقاتن دوران چئي. ملاقاتن دوران پاڪستان جي معاشي استحڪام، جاري سڌارن ۽ سيڙپڪاري جي موقعن تي زور ڀريو ويو. ناڻي واري وزير ڏينهن جي شروعات جي -24 ناڻي وارن وزيرن ۽ مرڪزي بينڪ جي گورنرز جي اجلاس ۾ شرڪت سان ڪئي جتي هن سيڪنڊ وائس چيئرمين پاڪستان طور نمائندگي ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته مضبوط بينڪاري نظام ۽ سڌارن ذريعي معيشت مضبوط ٿي آهي.هن عالمي اقتصادي چئلينجز جهڙن جاگرافيائي سياسي صورتحال ،واپاري ورڇ ۽ تحفظ پسندي جي حوالي سان سڌارن جي ضرورت تي زور ڀرڻ سميت علائقائي راهدارين، واپاري رابطن ۽ ڏکڻ-ڏکڻ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف جي صدارت هيٺ وچ مدي ۾ روينيو موبلايزيشن جي موضوع تي منعقد هڪ مذاڪري ۾ زراعت، ريئل اسٽيٽ ۽ ريٽيل جهڙن شعبن سان جي ڊي پي، جي حوالي سان ڪسٽم جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ واري حڪمت عملي بيان ڪئي . هن چيو ته اسان جي حڪمت عملين ۾ اهم معاشي شعبن سان ٽيڪس ۾ اضافو، فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) جي ٽيڪنالاجي ۽ طريقيڪار جي بهتري ،ٽيڪس ڏيندڙن ۽ آفيسرن وچ ۾ سڌي ريت رابطن جي گهٽتائي ۽ تعميل کي مضبوط بڻائڻ ۽ مصنوعي ذهانت ذريعي ضروري آهر آڊٽس شامل آهن. ناڻي واري وزير نامياري آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ ايٽلانٽڪ ڪائونسل جي جيو اڪنامڪس سينٽر ۾ فائر سائيڊ چيٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن 2025ع ۽ ان کان پوءِ پاڪستاني معيشت جي چئلينجز ۽ موقعن تي خيالن جو اظهار ڪيو. هن ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن، صوبن جي ٽيڪس وصولي ۾ شموليت، زرعي آمدني جي ٽيڪس تي صوبائي قانون سازي جهڙني ايجنڊائن تي روشني وڌي. هن چيو ته وفاقي خرچن ۾ ڪفايت شعاري ۽ صوبن جي شراڪت تحت قومي مالياتي معاهدي تي عملدرآمد ذريعي اسان پائيدار اقتصادي بنياد قائم ڪري رهيا آهيون . ناڻي واري وزير موسمياتي تبديلين ۽ آبادي جهڙين چئلينجز تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي . هن عالمي بينڪ جي پاڪستان لاءِ 10 سالن جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ جو پڻ ذڪر ڪيو. هن حڪومت جي پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو ۽ مالياتي ادارن پاران خطرن بابت تجويزن جي پڻ تعريف ڪئي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان اسٽيٽ بينڪ ذريعي گرين ٽيڪسا نالي فريم ورڪ کي حتمي شڪل ڏئي رهيو آهي جنهن سان گرين بانڊز ، گرين سڪوڪس ۽ پاڪستان جي پانڊا بانڊ جهڙن جديد مالياتي منصوبن لاءِ راهموار ٿيندي جنهن جي آمدني پائيدار ترقي جي هدف سان هم آهنگ منصوبن تي خرچ ڪئي ويندي. آمريڪا سان واپاري لاڳاپن جي بهتري جي خواهش جو اظهار ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته جلد ئي اعليٰ سطح جو پاڪستاني وفد آمريڪا جو دورو ڪندو ته جيئن واپاري عدم توازن جهڙن مسئلن تي تعميراتي رابطا قائم ڪري سگهجن. اداره جاتي سيڙپڪارن سان ملاقات ۾ ناڻي وزير پاڪستان جي معاشي منظر نامي، مالي پاليسين ۽ سڌارن جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن چيو ته معيشت جي استحڪام ۽ ڪريڊٽ ريٽنگ جي عالمي ايجنسي فچ پاران پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري کي اجاگر ڪيو جنهن سان سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو ۽ پاڪستان جي مالياتي مارڪيٽ ۾ واپسي جا رستا کليا . ناڻي واري وزير عالمي بينڪ جي ڏکڻ ايشيا لاءِ صدر مارٽن رائزر سان پڻ ملاقات ڪئي. هن 10 سالن جي ڪنٽري پارٽنر شپ فريم ورڪ جي منظوري تي شڪريو ادا ڪيو ۽ ان کي فوري طور تي لاڳو ڪرڻ ،خانگي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي ۽ منصوبن جي تڪميل جي رستي ۾ موجود رڪاوٽن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي .ناڻي واري وزير ڊوئچي بينڪ جي ٽيم سان ملاقات ڪئي جنهن جي قيادت مينا ريجن جي ايم ڊي ميرئيم اوآزاني ڪري رهي هئي. ناڻي واري وزير بهتر معاشي استحڪام ۽ ڪريڊٽ ريٽنگ جي بنياد تي پاڪستان جي مالياتي مارڪيٽ ۾ واپسي پانڊا ۽ اي ايس جي بانڊز جي جاري ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. موڊيز جي ڪمرشل ٽيم سان ڌار ملاقات ۾ ناڻي واري وزير مالياتي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس، مهانگائي ۾ لاٿ، مستحڪم ايڪسچينج ريٽ ۽ ناڻي وارن ذخيرن تي ورشني وڌي ۽ پانڊا بانڊ جي منصوبي تي پڻ ڳالهيون ڪيون. ٻنهي ڌرين مستقبل ۾ سهڪار جي امڪانن تي اتفاق ڪيو. ناڻي واري وزير ترقي بابت سعودي فنڊ جي سي اي او سلطان بن عبدالرحمن المرشد سان اهم ۽ نتيجا خيز ملاقات ڪئي . هن سعودي عرب ۾ اڀرجندڙ معيشن جي ڪانفرنس ۽ سعودي ناڻي واري وزير سان پنهنجي پراڻي ملاقات جو حوالو ڏنو. ناڻي واري وزير پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ ميڪرو اڪنامڪ اهڃاڻڻ ۽ موڊيز جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري کان آگاه ڪيو. ناڻي واري وزير حڪومتن ۽ خانگي شعبن جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪندي سعودي آئل سهولت تحت فنڊز جي فوري فراهمي جي درخواست ڪئي ۽ تيل جي شپمينٽ بابت دستاويزن جي وقت تي فراهمي جو يقين ڏياريو. ڌرين موجوده پورٽ فوليو جو جائزو ورتو ۽ اڳڀرائي تي اطيمنان جو اظهار ڪيو جڏهن ته ناڻي وزير سعودي فنڊ کي اين – 25 منصوبي لاءِ مالي مدد جي پڻ درخواست ڪئي.