مدينه منوره -23 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق گذريل ڏينهن روضي پاڪ رسول صلي الله عليه وسلم جن تي حاضري ڀري. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر پنهنجي سعودي عرب جي دوري دوران روضي پاڪ صلي الله عليه وسلم تي حاضري جي سعادت ماڻي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر مسجد نبوي صلي الله عليه وسلم ۾ نفل ادا ڪيا. مسلم امت ۾ اتحاد ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا پڻ ڪئي. ان موقعي تي سعودي عرب جو دورو ڪندڙ پاڪستان جي پارلياماني وفد جا ميمبر به اسپيڪر سان گڏ هئا.