گڏيل قومون – 23 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ڪولمبيا جي 2016ع جي امن معاھدي تي صحيحيون ڪرڻ وارين ڌرين تي زور ڀريو آھي ته اهي لاطيني آمريڪا جي ڊگھي جنگ کي ختم ڪرڻ واري تاريخي معاھدي کي مڪمل طور لاڳو ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڪاوٽ بڻجڻ وارين چئلينجن باوجود معاھدي تي قائم رھڻ تي پنھنجي اڳڀرائي کي اڳتي وڌائين. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته قومي پاليسين جو مقصد ڪولمبيا جي منفرد تڪرار بابت ٿيڻ گھرجن ۽ ھٿياربند ڌرين وچ ۾ امن لاءِ حقيقي عزم جي نشاندھي ضروري آھي. ھن چيو ته اھڙي طرح جي وضاحت حڪومت کي پنھنجين حڪمت عملين کي عمل ۾ آڻڻ ۽ امن عمل ۾ عوام جي اعتماد کي وڌائڻ ۾ مدد ڪري سگھجي ٿي. پاڪستاني نمائندي وڌيڪ چيو ته اسان سمورين ڌرين کان حڪومت جي پھچ جو ھاڪاري جواب ڏيڻ، تشدد جي ھر شڪل کي رد ڪرڻ ۽ بغير ڪنھن اڳواٽ شرطن ۽ آئين ۽ قومي قانونن جي مڪمل احترام سان ڳالھين جو ٻيھر عھد ڪرڻ تي زور ڀريون ٿا. حڪومت ۽ ڪولمبيا جي انقلابي ھٿياربند فوج (فارس) وچ ۾ امن معاھدو مستحڪم ۽ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو ھو. پاڪستان جي سفير چيو ته ڪولمبيا جي سمورن شهرين جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ 2016ع جو امن معاھدو مرڪزي حيثيت رکي ٿو. ھن چيو ته پاڪستان ان عمل لاءِ پنھنجي مستقل حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ سمورين ڌرين جي حوصلا افزائي ڪري ٿو ته ھو امن معاھدي تي مڪمل لاڳو ڪرڻ ڏانھن گامزن ٿين.