اسلام آباد -23 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪوئٽا مستونگ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جي ٽيم تي مقرر سيڪيورٽي اهلڪارن تي فائرنگ جي واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. گذريل ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين شهيد اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته سندن قرباني ضايع نه ويندي. پوليو خلاف قومي مهم ۾ شريڪ سيڪيورٽي اهلڪار اسان جي قوم جا اصل هيرو آهن، جيڪي ٻارن جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پنهنجي حياتين جو نذرانو پيش ڪري رهيا آهن. سيد يوسف رضا گيلاني زخمي اهلڪار جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ متاثره خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن لاڳاپيل اختيارين کان واقعي جي فوري جاچ ۽ ملوث عنصرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته اهڙا بزدلاڻا حملا اسان جي عزم کي ڪمزور نها ڪري سگهن. پوري قوم پوليو جي خاتمي ۽ پنهنجي محافظن سان گڏ بيٺل آهي.