رياض – 23 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي گھرو وزارت چيو آھي ته انٽري ويزا جي آخري تاريخ ختم ٿيڻ بعد روانگي ۾ دير ڪرڻ وارن پرڏيھين تي 50 ھزار ريال تائين ڏنڊ، ڇھن مھينن تائين قيد ۽ کين ملڪ بدر ڪيو ويندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق سعودي وزارت ھڪ ڀيرو ٻيھر چيو آھي ته وزٽ ويزا رکندڙ ماڻھو حج ڪرڻ جا حقدار ناھن، سمورن پرڏيھين ۽ زائرين پنھنجي ويزا جي شرطن تي سختي سان عمل درآمد ڪن ۽ قانوني نتيجن کان بچڻ لاءِ ملڪ مان وقت تي روانگي کي يقيني بڻائين. گھرو وزارت مملڪت ۾ لاڳو حج ۽ عمري جي ضابطن ۽ ھدايتن تي عمل ڪرڻ جي اھميت تي زور ڀريو.