ڍاڪا-23 اپريل (اي پي پي)بنگلاديش جي سڀ کان وڏي ايئر لائز يو ايس بنگلا ايئر لائينز سعودي عرب سفر ڪندڙن جي انگ ۾ اضافي سبب ڍاڪا مان رياض لاءِ سڌي ريت اڏامون شروع ڪيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب يو ايس بنگله ايئر لائنز جي پهرين اڏام سومر ڏينهن حضرت شاهه جلال انٽر نيشنل ايئر پورٽ ڍاڪا مان ڪنگ خالد انٽر نيشنل ايئر پورٽ لاءِ رواني ٿي جنهن ۾ 423 مسافر سوار هيا .پرڏيهي ميڊيا موجب يو ايس بنگله ايئر لائنز هر هفتي ڍاڪا مان سعودي عرب لاءِ پنج فلائيٽس ايئر بس 330 جهاز ذريعي هلائيندي مستقبل ۾ ايئر لائنز جو انهن اڏامن کي روزانو جي بنياد تي هلائڻ جو منصوبو آهي. مسافرن پاران سٺي موٽ ملي رهي آهي جلد ان روٽ تي روزانو جي بنياد تي اڏامون هلايون وينديون.