اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي)گھرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بنون ۾ پوليس چوڪي تي خارجي دھشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي خيبرپختونخواه پوليس کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گذريل ڏينھن پنھنجي بيان ۾ گھرو وزير بنون پوليس جي بھادري ۽ پيشيوراڻين صلاحيتين کي ساراھيو. سندس چوڻ ھو ته بنون پوليس جي جوانن بروقت ڪارروائي ڪري خوارجين جو حملو ناڪام بڻايو. خوارجي دھشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ وارا پوليس جا جوان قوم جا ھيرو آھن. ھن چيو ته خيبرپختونخوا جي پوليس جوانن جي جرئت تي فخر آھي. ھن چيو ته خيبرپختونخوا پوليس مبارڪن جي مستحق آھي. سموري ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو.