اسلام آباد – 22 اپريل(اي پي پي)گھرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي تونسه جي علائقي دائره دين پناھه ۾ ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ شھيد ٿيلن 2 پوليس اھلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آھي. گذريل ڏينھن پنھنجي تعزيتي بيان ۾ گھرو وزير محسن نقوي شھيد اي ايس آءِ غلام شبير ۽ شھيد ڪانسٽيبل غلام فريد جي گھرڀاتين سان دلي ھمدردي ۽ تعزيت جو اظھار ڪيو. ھن چيو ته شھيد اھلڪارن جي گھرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آھيان، اي ايس آءِ غلام شبير ۽ ڪانسٽيبل غلام فريد شھادت جو اٿليٰ رتبو حاصل ڪيو. ھن چيو ته پنجاب پوليس جي شھيد اھلڪارن کي سلام پيش ڪيون ٿا. پنجاب پوليس جي بھادر سپوتن ھميشه پنھنجي حياتين جي پرواھه نه ڪندي پنھنجا فرض پورا ڪيا آھن.