اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آھي ته ڌرتي اسان جي امڙ آھي، ان جي حفاظت اسان سڀني جي ذميواري آھي، قدرتي وسيلن جو دانشمنداڻو استعمال اڻٽر آھي. گذريل ڏينھن سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ڌرتي جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ چيو ته ڌرتي اسان جي امڙ آھي، ان جي حفاظت اسان سڀني جي ذميواري آھي، ڌرتي جو ڏھاڙو قدرت جي عطا ڪيل امانت جي ياد ڏياري ٿو. ھن چيو ته سينيٽ ماحول دوست قانون سازي لاءِ پرعزم آھي ۽ قدرتي وسيلن جو دانشمنداڻو استعمال پڻ اڻٽر آھي. يوسف رضا گيلاني چيو ته نوجوانن کي ڌرتي جي تحفظ لاءِ فعال ڪردار جي اپيل ڪيان ٿو. ھن چيو ته ماحول دوست قدم ۽ ماحولياتي جاڳرتا وقت جي اھم ضرورت آھي ۽ پاڪستان ماحولياتي تحفظ جي عالمي معاھدي تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آھي. جٽادار ترقي ۽ قدرتي ماحول جي تحفظ تي زور ڀريندي يوسف رضا گيلاني چيو ته ڌرتي جو تحفظ رڳو حڪومت جي نه پر ھر شھري جي ذميواري آھي. ڌرتي جي عالمي ڏھاڙي تي سينيٽ چيئرمين ماحول دوست پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.