اسلام آباد -21 اپريل (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي، ته سنڌ ۾ 2 ارب ڊالرن جي ماليت جا ايم 6 ۽ ايم 9 موٽر ويز جا منصوبا هلندڙ سال شروع ڪيا ويندا. ڪي پي ڪي صوبي ۾ مانسهره، ناران ۽ ڪاغان موٽر وي جو ڪم به هلندڙ سال شروع ڪرڻ چاهيون ٿا. بلوچستان ۾ ڪوئٽا کان ڪراچي اين 25 کي به موٽر وي طرز تي 4 لائينن وارو بڻائڻ تي ڪم شروع ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سنڌ ۾ سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچي موٽر ويز جا منصوبا به شروع ڪيا پيا وڃن. اهڙو اظهار هن نيشنل هاءِ وي اٿارٽي سينٽرل زون جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. وفاقي وزير اين ايڇ اي عملدارن کان لاهور کان قصور جي 18 ڪلوميٽر لنڪ روڊ منصوبي جا تفصيل طلب ڪندي چيو ته اداري جي پرزنٽيشن جو مقصد معياري هئڻ گهرجي. هن سينٽرل زون جي اختيارين کي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي ڪئي ته جيئن جاري منصوبن کي گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ مڪمل ڪري سگهجي. وفاقي وزير چيو ته اسان سڀئي عوام آڏو جوابده آهيون، ڦرلٽ نه ڪرڻ ڏينداسين ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻيون پونديون. پنهنجي رمارڪس ۾ وفاقي وزير چيو ته تعميراتي ڪم جي معيار تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. اين ايڇ اي شهرن ۾ داخلي رستن کي خوبصورت ۽ دلڪش بڻائي جڏهن ته نون رستن تي به صفائي سٿرائتي ۽ خوبصورتي لاءِ طئي ٿيل معيار کي يقيني بڻائڻو پوندو. وفاقي وزير اين ايڇ اي هيڊ ڪوارٽرز سينٽرل زون جي دوري جي موقعي تي ٻوٽو پڻ لڳايو.