اسلام آباد -21 اپريل (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪتر خالد مقبول صديقي سان پارلياماني ڪاڪس آن چائلڊ رائيٽس جي ڪنوينر/ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري پارلياماني سيڪريٽري، قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر نڪهت شڪيل خان جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي. وفد ۾ قومي اسيمبلي جي ٻارن جي حقن بابت پارلياماني ڪاڪس سيد حاذق بخاري، (ڊپٽي مئنيجر خصوصي قدمن)بابت قومي اسيمبلي جي پارلياماني ڪاڪس آن چائلڊ رائيٽ عفت پرويز ۽ ڊپٽي مئنيجر (ميڊيا) پارلياماني ڪاڪس آن چائلڊ رائيٽس مجتبيٰ بيگ شامل هئا. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته پارلياماني ڪاڪس آن چائلڊ رائيٽس پاڪستان جي نوجوانن کي معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن خاص طور تي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪاڪس پاڪستان ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت سڄي پاڪستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي اهم مسئلن تي ڌيان ڏيڻ لاءِ تعليمي ايمرجنسي جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر نڪهت شڪيل خان چيو ته ڪاڪس هڪ رپورٽ جي تياري تي ڪم ڪري رهي آهي، جيڪا پوري پاڪستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ قابل عمل حل فراهم ڪندي. هن چيو ته ڪاڪس ان سلسلي ۾ سڀني صوبائي حڪومتن سان مشاورت ڪئي آهي، جن قيمتي نتيجا فراهم ڪيا آهن ۽ اهم چئلينجز کي اجاگر ڪيو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته تعليم واري وزارت ڄاڻايل رپورٽ تيار ڪرڻ ۾ ڪاڪس سان گڏ ڪم ڪندي ته جيئن اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي باري ۾ ڊيٽا جي مٽاسٽا ممڪن ٿي سگهي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته سڀني ٻارن کي تعليم فراهم ڪرڻ اسان جي ذميواري اهي. هن چيو ته اسان پاڪستان جي ڪنهن به پٺتي پيل علائقي کي نظرانداز نه ڪنداسين. هن ڪراچي ۾ ڪچي آبادي جي حالت تي خاص روشني وڌي ۽ چيو ته سمورن ٻهراڙي جي علائقن تي خاص توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي.