اسلام آباد -21 اپريل (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي، ته پرائيويٽ اسڪيم جي 67 هزار حج پانڌيئڙن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ حڪومت ڪوششون وٺي رهي آهي، جڏهن ته سعودي حڪومت جي پاليسي سمورن ملڪن لاءِ هڪجهڙي آهي، جڏهن ٻين ملڪن جو فيصلو ٿيندو ته پاڪستان جو اهو مسئلو به حل ٿي ويندو. وزيراعظم جي هدايت تي قائم ڪميٽي جي رپورٽ جمع ٿي چڪي آهي، جنهن جي به ڪوتاهي هوندي ان کي سزا ملندي. گذريل ڏينهن هتي پاڪستان علماء ڪائونسل جي انتظام هيٺ حج 2025ع ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته مذهبي معاملن واري وزارت مون کي هڪ مهينو پهريان ملي آهي، وزيراعظم مون کي سٺو حج ڪرائڻ جي ذميواري ڏني آهي، مان پاڻ سعودي عرب وڃي انتظامن جو جائزو ورتو آهي. هن چيو ته مون کي خبر پئي ته وڏي انگ ۾ حج پانڌيئڙن جي هن ڀيري حج جي سعادت کان محروم ٿيڻ جو خدشو آهي. مان ۽ علامه طاهر اشرفي پنهنجي طاقت آهر 67 هزار حج پانڌيئڙن جي حج ڪوٽا بحال ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پڻ ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته سعودي حج واري وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه جي ڪوششن سان پاڪستان کي 10 هزار جي حج ڪوٽا ملي وئي آهي. سعودي عرب هڪ لک 2 هزار حج ڪوٽا ٻڌائي آهي. هن چيو ته مان سعودي عرب کي گذارش ڪئي آهي ته همدردي سان سمورن پاڪستانين لاءِ غور ڪيو. سعودي حڪومت 10 هزار حج پانڌيئڙن جي اجازت ڏني آهي. هن چيو ته اها 10 هزار جي ڪوٽا ان ئي پرائيويٽ حج اسڪيم مان ٿي آهي، ڪجهه ماڻهو اضافي حج ڪوٽا جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جيڪا صحيح ناهي، سعودي حڪومت ٻين مسلمان ملڪن کي ڊيڊ لائين مان رهجي ويل حج پانڌيئڙن کي موقعو ڏنو ته پاڪستان کي به ضرور موقعو ملندو.