اسلام آباد -21 اپريل (اي پي پي) ننڍي کنڊ جي عظيم شاعر، پاڪستان جي مفڪر علامه محمد اقبال جي ورسي گذريل ڏينهن ملهائي وئي. علامه محمد اقبال الڳ وطن جو خواب ڏٺو هو ۽ پنهنجي شاعري ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن ۾ جاڳرتا پيدا ڪئي. 1930ع ۾ الهه آباد وارو سندس خطاب تاريخي حيثيت رکي ٿو. سندس تعليم ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي اڻٿڪ ڪوششن عيوض پاڪستان وجود ۾ آيو. هو 9 نومبر 1877ع تي سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو ۽ ابتدائي تعليم سيالڪوٽ مان ئي حاصل ڪئي، مشن هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ ۽ مري ڪاليج سيالڪوٽ مان ايف اي جو امتحان پاس ڪيائين. هو وڪالت سان گڏوگڏ شعر و شاعري به ڪندو هو ۽ سياسي تحريڪن ۾ به حصو ورتائين. 1922ع ۾ حڪومت طرفان کيس سر جي خطاب سان نوازيو ويو. سندس شمار ننڍي کنڊ جي تاريخ ساز شخصيتن ۾ ٿئي ٿو. هن نه رڳو پاڪستان جو تصور پيش ڪيو پر پنهنجي شاعري سان مسلمانن، نوجوانن ۽ سماج تائين آفاقي پيغام پڻ پهچايو. سندس ڪوششن سان ئي تحريڪ پاڪستان زور ورتو ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت ۾ 14 آگسٽ 1947ع تي هڪ آزاد وطن پاڪستان حاصل ڪيو. پاڪستان جي آزادي کان اڳ ئي علامه محمد اقبال 21 اپريل 1938ع تي وفات ڪري ويو، کيس لاهور ۾ بادشاهي مسجد جي صحن ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو هو. سندس ورسي جي موقعي تي سرڪاري، غير سرڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظامن هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون ويون ۽ کيس خراج تحسين پيش ڪيو.