واشنگٽن -21 اپريل (اي پي پي) هلندڙ مهيني جي 25 تاريخ تي صبح جو سوير زهره، زحل ۽ چنڊ سج اڀرڻ کان اڳ ٽڪنڊي جي صورت ۾ نظر ايندا.ناسا پاران جاري بيان موجب 25 اپريل تي زهره، زحل ۽ چنڊ افق ويجهو هڪ آسماني مسڪراهٽ ٺاهيندا، ان بهترين آسماني نظاري کي ٽرپل ڪنڪشن به چيو ويندو آهي. ناسا موجب اهو جمعي 25 اپريل تي صبح جو سوير ظاهر ٿيندو. صبح ساڍي پنجين بجي جي ويجهو ٽئي اوڀر کان آسمان تي هڪ ٽڪنڊو ٺاهيندا. صورت هڪ مسڪرائيندڙ چهري وانگر نظر اچي سگهي ٿي. اٽڪل هڪ ڪلاڪ کان پوءِ سج اڀرڻ تي اهو نظارو ختم ٿي ويندو. ٽنهي مان زهره سڀ کان مٿي ۽ زحل هيٺ نظر ايندو. چنڊ اتر طرف ٻنهي جي هيٺان هوندو. هي هڪ اهڙي صورت ٺاهيندا جنهن کي ڪجهه ماڻهو آسمان ۾ هڪ چهري طور سڃاڻي سگهندا. ناسا جي شمسي نظام جي ماهر برينڊا ڪلبرٽسن چيو آهي، ته زهره، زحل ۽ چنڊ جي اها ناياب ترتيب آسمان ۾ مسڪرائيندڙ چهري وانگر هڪ منفرد نظارو پيدا ڪندي.