جده _ 21 اپريل (اي پي پي ) سعودي عرب جي اسلامي معاملن واري وزارت بوسنيا هرزگوينا ۾ سعودي سفارتخاني جي مذهبي اتاشي ذريعي بلقان ۾ سڀ کان وڏي عالمي سطح جي قرآن جي حافظن جي مقابلي جو شروعاتي مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو پروگرام ڪوسووو جي مذهبي اداري ” اسلامي شيخڊم“ ۽ البانيه ۾ سعودي سفارتخاني جي سهڪار سان منعقد ڪيو ويو، مقابلي ۾ 22 ملڪن جي 2350 حافظن حصو ورتو .ان ۾ ڪوسووو ، البانيه ، بوسنيا هرزگوينا ، مونٽي نيگرو ، اتر مقدونيه ، اٽلي ، ترڪيه ، يونان ، بلغاريه ، جهموريه چيڪ ، قبرص ، سلووينيا ، ڪروشيا ، رومانيه ، سربيا ، ايسونيا ، بيلجئيم ، يوڪرين ، جارجيا ، روس ، بيلاروس ۽ سن مارينو شامل آهن. 160 شرڪت ڪندڙ حافظن فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي جيڪي پهرين مئي تائين ڪوسووو جي گادي واري شهر پرسٽينا ۾ پنج ڪيٽيگريز ۾ حصو وٺندا . مقابلي ۾ مجموعي طور انعامي رقم پنج لک سعودي ريال رکي وئي آهي جڏهن ته اهو پروگرام منعقد ڪرڻ تي اٽڪل 12 لک سعودي ريال خرچ ٿيو . ڪوسووو جي مفتي اعظم ۽ اسلامي شخڊم جي سربراهه شيخ نعيم ترناوا سعودي عرب جي مسلسل سهڪار جو شڪريه ادا ڪيو . هن بلقان خاص طورتي ڪوسووو جي مسلمانن ۾ اسلام جي اعتدال پسندي، قرآن جي قدر ۽ تعليمات کي تقويت ڏيڻ لاءِ سعودي وزارت جي مختلف پروگرامن جي تعريف ڪئي.