رياض _ 21 اپريل (اي پي پي ) سعودي عرب جي صحت واري وزارت جي ڪميٽي چيو آهي ته شهرين جي عمر جي شرح وڌي 78.8 سال ٿي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق صحت جي ڪميٽي ٻڌايو ته 2024ع جي سروي جي نتيجي مان معلوم ٿيو آهي ته مملڪت جي شهرين جي عمر جي شرح ۾ واڌ ٿي جيڪا 78.8 سال ٿي وئي آهي ، 2016 ع ۾ عمر جي شرح 74 سال هئي . هن ان اڳڀرائي کي ان قدم جو نتيجو قرار ڏنو آهي . جيڪي سعودي ويزن 2030ع جي هدف کي حاصل ڪندڙ پروگرامن جو حصو آهن . صحت ڪميٽي ٻڌايو ته اها اڳڀرائي جامع صحت پاليسيون لاڳو ڪرڻ جو سڌي ريت نتيجو آهي جن ۾ سمورين پاليسين ۾ صحت جي تصور کي هٿي ڏيڻ، کاڌي پيتي وارين شين جي نقصان پهچائيندڙ جزن جي مقدار کي گهٽ ڪرڻ شامل آهي . ان کان علاوه شوگر، ٿولهه ۽ ڪينسر جهڙين بيمارين جي وقت تي سڃاڻپ کي به فعال بڻايو ويندو جنهن جو مقصد احتياطي تدبيرن تي زور ڏيڻ، علاج جي موقعن کي بهتر بڻائڻ ۽ زندگي جي معيار کي بهتر ڪرڻ آهي.