اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ جي 10 هين ايڊيشن ۾ اڄ (اڱاري ڏينھن) واحد ميچ لاھور قلندرز ۽ ملتان سلطانز وچ ۾ کيڏي ويندي. پي سي بي جي انتظام ھيٺ پي ايس ايل جي ڏھين ايڊيشن جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آھي. اڄ اڱاري ڏينھن ليگ جي 12 ھين ميچ ۾ لاھور قلندرز ۽ ملتان سلطانز جون ٽيمون ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، ملتان ۾ آمھون سامھون ٿينديون. ميچ اڄ رات جو 8 وڳي شروع ٿيندي ۽ فلڊ لائيٽس جي روشني ۾ کيڏي ويندي. لاھور قلندرز جي قيادت ڀلوڙ فاسٽ بالر شاھين شاھه آفريدي ڪري رھيو آھي ۽ ٻين نمايا رانديگرن ۾ فخر زمان، حارث رئوف، ٽام ڪيوران، ڪوشل پريرا، ڊيرل مچل، آصف علي ۽ سڪندر رضا شامل آھي. لاھور قلندرز جي ٽيم 4 پوائنٽس سان پوائنٽس ٽيبل تي ٻئين نمبر تي آھي. سلطانز جي ٽيم جي اڳواڻي ڀلوڙ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان ڪنري رهيو آهي، ٻين نمايا رانديگرن ۾ مائيڪل بريسويل، ڊيوڊ ويلي، شائي ھوپ، ڪرس جارڊن، محمد حسنين، اوسامه مير، عثمان خان، افتخار احمد ۽ ڪامران غلام شامل آھن. ملتان سلطانز جي ٽيم ٽئي ميچون کيڏي چڪي آھي پر ھيستائين ڪنھن ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ناھي ڪئي ۽ اھا پوائنٽس ٽيبل تي سڀ کان ھيٺ ڇھين نمبر تي آھي. ٽورنامينٽ جو فائنل 18 مئي تي قذافي اسٽيڊيم، لاھور ۾ کيڏيو ويندو.