بارسلونا _21 اپريل (اي پي پي)ڊينمارڪ جي ٽينس اسٽار هولگرروني اسپين جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ ڪارلوس الڪاراز کي شڪست ڏئي اي ٽي پي بارسلونا اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کٽي ورتو آهي . ڊينمارڪ جي 21 سالن جي ٽينس اسٽار هولگرروني مردن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ميچ ۾ 21 سالن جي اسپين جي ٽينس اسٽار ڪارلوس الڪاراز کي ٽائي بريڪ تي اسٽريٽ سيٽس ۾ شڪست ڏئي ڪيريئر جو پنجون اي ٽي پي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو . بارسلونا اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جو 72 هون ايڊيشن ريئل ڪلب ڊي ٽينس بارسلونا ، اسپين ۾ جاري آهي ، جنهن ۾ ٽينس جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن .