لاهور – 20 اپريل (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ
پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ مسيحي برادري جي ڪردار کي زبردست خراج
تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته مسيحي برادري هميشه قومي جهنڊي ۾ اڇي
رنگ جو مان رکيو آهي، سندن حقن جو تحفظ اسان جو فرض آهي. آچر ڏينهن
پنهنجي تڪ ۾ ايسٽر جي سلسلي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير
چيو ته اڄ آئون انهن ماڻهن ۾ موجود آهيان جن نه رڳو پاڪستان جي قيام بلڪه
ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ پڻ ذڪر جوڳيون خدمتون انجام ڏنيون آهن. هو 70
هزار مسيحي ووٽرن جي نمائندگي ڪن ٿا، جنهن تي کيس فخر آهي. هن ايسٽر
جي موقعي تي پنهنجي پارٽي مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان محمد نواز شريف،
وزيراعظم محمد شهباز شريف، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف ۽ حمزه
شهباز شريف طرفان مسيحي برادري کي مبارڪون پيش ڪيون. وفا وزير چيو
ته بين المذهبي هم آهنگي وقت جي ضرورت آهي. اسان کي گڏيل نقطن تي هڪ
اهڙو معاشرو جوڙڻو آهي جتي اخوت، رواداري ۽ گڏيل احترام غالب هجي. هن
چيو ته مسيحي برادري جي هر خوشي ۽ تهوار ۾ ساڻن گڏ بيٺو آهيان. مسيحي
برادري پاڪستان لا بي پناهه قربانيون ڏنيون، قومي جهنڊي ۾ اڇي رنگ جو مان
رکيو، بهترين فائيٽر پائليٽس پيدا ڪيا ۽ جنگين ۾ پنهنجي جانيان جا نذرانا پيش
ڪيا. هن چيو ته مسيحي برادري جو هميشه ملڪي دفاع ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار
رهيو آهي. پنهنجي خطاب ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير ان ڳالهه کي اجاگر
ڪيو ته گذريل هڪ سال دوران ملڪ معاشي ترقي ڏانهن گامزن ٿيو آهي،
معيشيت جي بحالي ۾ حڪومت، وزيراعظم شهباز شريف، وزيراعليٰ پنجاب
مريم نواز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير جون گڏيل ڪوششون
شامل آهن. اڄ پاڪستان جا مالياتي ادارا ملڪ ڪي معاشي ترقي جي واکاڻ
ڪري رهيا آهن ۽ اهو سڀ ”معجزاتي ٽرن ارائونڊ“ وانگر آهي. معيشيت بهتر
ٿي رهي آهي، اسان ”اڙان پاڪستان“ طرف وڃي رهيا آهيون. آخر ۾ وفاقي وزير
چيو ته هو مسيحي برادري جو نمائندو آهي، انهن سان گڏ بيٺو رهندو ۽ سندن
حقن جو دفاع ڪندو رهندو.