ملتان – 20 اپريل (اي پي پي) چيئرمين سينيٽ سيد يوسف رضا گيلاني آچر
ڏينهن ملتان ۾ سياسي اڳواڻ مرحوم قيصر عباس ران جي ايثال ثواب لاءِ منعقد
تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي چيئرمين سينيٽ مرحوم
جي سياسي ۽ سماجي خدمتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته مرحوم ۽ سندس والد
ملڪ غلام سرور ران سان سندس پراڻا ناتا هئا. مرحوم ۽ سندس والد جي
پنهنجي علائقي لاءِ ڪيل خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هنن پنهنجي علائقي
واسين جي ڀلائي لاءِ گهڻو ڪم ڪيو جنهن کي وساري نه ٿو سگهجي. بعد ۾ سيد
يوسف رضا گيلاني مرحوم جي پٽ ملڪ سرمد ران جي دستاربندي ڪئي ۽
مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.