اسلام آباد-15 اپريل (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ ڀائيواري جمهوريت، امن ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي قائم آهي، يورپي يونين- پاڪستان بزنس فورم انتهائي اهميت جو گهرجائو آهي جنهن سان مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ملندي. اهڙو اظهار هن سربان ڊيمتريي اسٽردذ جي اڳواڻيءَ ۾ يورپي يونين جي پارلياماني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪالهه هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ڊپٽي چيئرمين چيو ته پاڪستان- يورپي يونين سان ناتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، کيس واپار، معيشت ۽ سيڙپڪاري ۾ واڌ ڏيڻ چاهين ٿا، پارلياماني سفارتڪاري عوامي رابطن ۽ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم حيثيت رکي ٿي، پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ ڀائيواري جمهوريت، امن ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي قائم آهي. هن چيو ته يورپي يونين، پاڪستان جو اهم واپاري ڀائيوار آهي، جي ايس پي پلس اسڪيم سان ٻه طرفي واپار ۾ نمايان واڌ ٿي. هن چيو ته يورپي يونين- پاڪستان بزنس فورم انتهائي اهميت جو گهرجائو آهي جنهن سان مختلف شعبن کي هٿي ميسر ٿيندي. پاڪستان ايس آءِ ايف سي جهڙن قدمن سان سازگار، شفاف ۽ ڪاروبار دوست سيڙپڪاري ماحول فراهم ڪري رهيو آهي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين يورپي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ تجديد جوڳي توانائي، ڊجيٽل تبديلي، معدني ترقي ۽ ٽرانسپورٽ ۾ سيڙپڪاري جي دعوت پڻ ڏني. سيدال خان چيو ته پاڪستان جي سيڙپڪاري پاليسي يورپي يونين جي گلوبل گيٽ وي حڪمت عملي سان هم آهنگ آهي. هن چيو ته پاڪستان اقليتن کي مڪمل مذهبي آزادي ڏني آهي ۽ پاڪستان جي آئين ۾ سمورن اقليتن کي بنيادي حق حاصل آهن، يورپي يونين انساني حقن جي علمبردار آهي، فلسطين ۽ ڪشميرين لاءِ هاڪاري آواز بلند ڪري. هن چيو ته فلسطين ۽ ڪشمير جو منصفاڻو حل عالمي امن جي ضمانت آهي. يورپي وفد جو دؤرو ٻه طرفي سهڪار، گڏيل تفهيم ۽ اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪندو.