لاهور-15 اپريل (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو آهي ته ريلوي کي منافعي بخش ادارو بنائڻ منهنجو مشن آهي، فريٽ ريل گاڏيون ڪمائيءَ جو بهترين ذريعو آهن، آئوٽ سورسسنگ کاتي لاءِ فائديمند هوندو، اسپتالن جي آئوٽ سورسنگ مان ساليانو اربين رپين جي بچت ٿيندي، پاڪستان ريلوي قومي اثاثو آهي ان جي نجڪاري نه ڪنداسين، ريلوي نظام کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي، ملڪي معيشت صحيح رُخ طرف گامزن ٿي چڪي آهي، عوام کي وڌيڪ خوشخبريون ملنديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڪورائل پام ۾ ريلويز اسپتالن جي آئوٽ سورسنگ جي حوالي سان رٿيل اجلاس دوران خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ريلوي جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عامر بلوچ، خاص قدمن بابت بابت جنرل مئنيجر ويلفيئر وقار احمد شاهد، ايڊيشنل جنرل مئنيجر اسٽرڪچر عامر نثار چوڌري، ريلوي بابت وفاقي انسپيڪٽر حامد حسن مرزا، چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عتقيه ضيغم، شهباز ظفر ۽ ٻيا موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته عوامي خدمت مسلم ليگ (ن) جو منشور آهي، جڏهن به (ن) ليگ جي حڪومت آئي، عوام سان گڏوگڏ قومي ادارن ۾ بهتري آئي. هن چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته خساري ۾ هلندڙ ادارا قومي وسيلن تي وڌيڪ بار نه بڻجن، پاڪستان ريلوي کي منافعي بخش ادارو بنائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. وفاقي وزير چيو ته ملازم اسان جو اثاثو آهن، ملازمن کي طبي سهولتن سميت ٻيون سهولتون ڏيڻ اسان جو مشن آهي، ريلوي جي بهتريءَ لاءِ اسان هدف مقرر ڪيا آهن، مختلف ريلوي ٽرينن، اسڪولن ۽ ريلوي اسپتالن کي آئوٽ سورس ڪري رهيا آهيون، جنهن جو مقصد صرف ۽ صرف ملازمن کي سهولتن جي فراهمي ۽ اداري کي منافعي بخش بنائڻ آهي. هن ٻُڌايو ته پاڪستان ريلويز جي اسپتالن کي 30 سالن تائين پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلايو ويندو جنهن سان ريلوي ملازمن سميت عوام هڪجهڙو فائدو کڻندا. ان سان گڏوگڏ ريلوي جي اسپتالن ۾ سيڙپڪاريءَ سان عوام لاءِ صحت جي جديد سهولتون ميڊيڪل تعليم ۽ تربيت جي ادارن جي قيام جي گنجائش ۾ به واڌ ۽ ڊجيٽل هيلٿ ۽ ٽيلي ميڊيسن جي شعبي ۾ ٻه طرفي هٿي ملندي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ريلوي جي انتظام هيٺ صحت جي شعبي کي نجي ڀائيواريءَ تحت هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پاڪستان ريلوي جي 7 اسپتالن ڪيرينز ريلوي اسپتال لاهور، مغل پوره ريلوي اسپتال لاهور، ملتان ڪينٽ ريلوي اسپتال، حسن ريلوي اسپتال ڪراچي، سکر ريلوي اسپتال، ڪوئيٽه ريلوي اسپتال ۽ پشاور ريلوي اسپتال کي آئوٽ سروس ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ريلوي وٽ اهڙيون پرائيم لوڪيشنز تي زمينون موجود آهن جن کي شفاف ۽ معياري بنيادن تي عوامي خدمت لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، ڇانگا مانگا جي ٽريڪ کي به اپ گريڊ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ريلوي جو سڀ کان وڏو مالي مسئلو پينشن جو بار آهي، جيڪو 58 بلين رپيا ساليانو آهي، اسان جي ٽيم شفافيت ۽ ڪارڪردگيءَ تي يقين رکي ٿي. فريٽ ريل گاڏين جو منافعو وڌي رهيو آهي، انشاءَ الله ايندڙ 3 سالن ۾ پاڪستان ريلوي کي هڪ فعال، جديد ۽ منافعي بخش ادارو بڻائينداسين. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ ملڪ ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿي چڪو آهي، بجلي سستي ڪرڻ سان عام ماڻهوءَ کي رليف پهتو آهي، رليف جو اهو سلسلو جاري رهندو، جلد عوام کي وڌيڪ خوشخبريون ملنديون. هن سمورن ڀائيوارن ۽ سيڙپڪارن کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي تجويزن ۽ دلچسپيءَ سان اڳيان اچن ته جيئن ريلوي کي عوامي خدمت ۽ ترقيءَ جو نشان بڻائي سگهجي.