ڪراچي-15 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج حاصل ڪرڻ لاءِ پرائمري ھيلٿ ڪئير کي اهم بنياد قرار ڏيندي ان کي بهتر بڻائڻ جي عزم کي ٻيهر ورجايو آهي. ھن اھا ڳالھ آغا خان يونيورسٽي پاران رٿيل قومي سمپوزيم ”پرائمري ھيلٿ ڪيئر، پاڪستان ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي بنياد“ کي خطاب دوران ڪئي. وڏي وزير آغا خان يونيورسٽي جي هن اهم ۽ وقت سر ڪوشش جي تعريف ڪئي، جيڪا عالمي صحت جي ترجيحن ۽ سنڌ حڪومت جي هڪ صحتمند سماج جي ويزن سان هڪجهڙائپ رکي ٿي. سيد مراد علي شاهه چيو ته صحت وارو شعبو سدائين سنڌ حڪومت جي پاليسين ۽ منصوبابندي جو اھم مرڪز رھيو آھي. هن وڌيڪ چيو ته ڪووڊ-19 جي وبا هڪ مضبوط ۽ پائيدار صحت جي نظام جي اهميت کي وڌيڪ اجاگر ڪيو، جيڪو بنيادي صحت جي سهولتن تي ٻڌل هئڻ گهرجي. هن سنڌ حڪومت پاران ڪيل ڪيترن ئي سڌارن ۽ سيڙپڪاري جو ذڪر ڪيو، جنهن ۾ ٽئين درجي جي صحت جي سهولتن ۾ بهتري ۽ بنيادي صحت جي سهولتن جي توسيع شامل آهي. هن 1990ع جي ڏهاڪي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاران شروع ڪيل ليڊي هيلٿ ورڪر پروگرام جهڙن قدمن کي اجاگر ڪيو، جيڪي غير متعدي بيمارين کي منهن ڏيڻ ۽ ڪميونٽي سطح تي صحت جي خدمتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ هئا. هن صحت جي سهولتن جي فراهمي خاص طور تي شهري علائقن ۾ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ جي ڪردار تي پڻ زور ڏنو. پيپلز پرائمري هيلٿ انيشيئيٽو ۽ ضلعي اسپتالن کي خاص اين جي اوز حوالي ڪرڻ جهڙن ڪامياب ماڊلز جو حوالو ڏيندي هن چيو تھ انھن کي وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو. وڏي وزير چيو تھ 18 هين ترميم کان پوءِ جڏهن صحت وارو شعبو صوبن ڏانهن منتقل ٿيو، تڏهن کان سنڌ حڪومت صحت جي بجيٽ خاص طور تي روڪٿام ۽ بنيادي صحت ۾ وڏو اضافو ڪيو آهي. سيد مراد شاهه تسليم ڪيو ته ڪجھھ علائقا اڃا به وڏن صحت جي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ آغا خان يونيورسٽي جي ”پرائمري هيلٿ ڪيئر لرننگ ايجنڊا“ جهڙن سکيا وارن گڏيل پليٽفارمز جي اهميت تي به زور ڏنو. هن چيو ته حقيقي صحت جي بهتري لاءِ حڪومت ۽ سموري سماج جي گڏيل ڪوشش ضروري آهي. ھن وڌيڪ چيو ته صحت کي ٽرانسپورٽ جي رٿابندي کان ويندي موسمي تبديلي جي منصوبن تائين هر شعبي ۾ شامل ڪرڻ لازمي آهي. آخر ۾ وڏي وزير خاطري ڪرائي تھ سنڌ حڪومت سمپوزيم جون سفارشون سنجيدگي سان غور هيٺ آڻيندي ۽ هڪ صحتمند سنڌ ۽ صحتمند پاڪستان جي راهه ۾ پنھنجو سفر جاري رکندي.