اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت اوورسيز پاڪستانيز ڪنوينشن جي موقعي تي خصوصي نغمو ”توهِي هي اڪ بنديا“ جاري ڪري ڇڏيو. نغمي ۾ نه رڳو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي پر هر ان شخص کي سلام پيش ڪيو ويو آهي جيڪو پنهنجي محنت، جذبي ۽ صلاحيتن سان ڌرتي ماءُ جو مانَ وڌائي رهيو آهي. نغمي جي وڊيو ۾ پاڪ فوج جون پيشيواراڻيون صلاحيتون پڻ نمايان انداز ۾ عڪسبند ڪيون ويون آهن جڏهن ته قومي معيشت ۾ بهتري جهڙوڪ مهانگائي جي گهٽ ترين شرح، ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو، پاليسي ريٽ ۽ بجلي جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي جهڙا مثبت رخ پڻ اجاگر ڪيا ويا آهن. نغمي جي وڊيو ۾ ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جو نالو روشن ڪندڙ رانديگرن جون جهلڪيون پڻ شامل آهن جن ۾ ارشد نديم سميت ٻين ناليواري اسپورٽس اسٽارز سان گڏوگڏ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي شاندار ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو ويو آهي. نغمي جي وڊيو ۾ جبل چاڙهو جهڙي مهم جيڪا راند جي منظرن، آءِ ڪيوب قمر سيٽلائيٽ جي ڪامياب لانچنگ ۽ نوجوانن جي ملڪي ترقي ۾ ڪردار کي موثر انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ان نغمي جي وڊيو ۾ پاڪستان جي خوبصورت ثقافتي رنگ، ورثي، تعمير ۽ ترقي جي سفر کي شاندار انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. نغمي ۾ هر ان پاڪستاني کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي جيڪو پنهنجي پنهنجي محاذ تي ڪم ڪري پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيو آهي. نغمي جو مرڪزي پيغام اهو آهي ته ”توهي هي اڪ بنديا“ يعني هر اهو شخص جيڪو هن ڌرتي سان ڳنڍيل آهي، اهو ئي ان جي شان آهي. هي نغمو حب الوطني، قومي يڪجهتي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ جي هڪ خوبصورت ڪوشش آهي جيڪو پوري قوم جي جذبن جي ترجماني ڪري ٿو. هي نغمو سمورن قومي ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي نشر ڪيو پيو وڃي ۽ ان کي عوام پاران تمام گهڻو ساراهيو پيو وڃي.