اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي فچ پاران پاڪستان جي معاشي ريٽنگ ۾ بهتري جي آجيان ڪندي چيو آهي ته عالمي ادارن پاران پاڪستاني معيشت جي ريٽنگ ۾ بهتري معاشي ترقي ۽ عالمي دنيا جي پاڪستاني معيشت تي اعتماد جو مظهر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آجيان ڪندي چيو ته فچ پاران پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ جو ٽرپل سي پلس کان بي مائنس تي اچڻ انتهائي خوش آئنده آهي، فچ پاڪستاني معيشت کي مستحڪم قرار ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي ادارن پاران پاڪستاني معيشت جي ريٽنگ ۾ بهتري معاشي ترقي ۽ عالمي دنيا جي پاڪستاني معيشت تي اعتماد جو مظهر آهي، ملڪي معيشت ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ پاڪستان حڪومت اڻٿڪ محنت ڪري رهي آهي.