اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته مرحوم سينيٽر تاج حيدر جو پارلياماني قانونسازي ۽ جمهوري استحڪام ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ مرحوم سينيٽر تاج حيدر جي تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سينيٽر تاج حيدر جي لاڏاڻي تي دلي ڏک ٿيو، هو رڳو سياستدان ۽ ناليوارو ليکڪ نه هو، پاڪستان پيپلزپارٽي سان سندس وابستگي تمام گهري هئي. هن چيو ته ساڻس پارليامينٽ جي ايوانن ۾ پراڻو تعلق هو، هو ايوان جي ڪيترين ئي ڪميٽين جو چيئرمين ۽ ميمبر رهيو ۽ قانونسازي ۽ پارلياماني معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته هو سدائين پنهنجي اصولن ۽ انصاف سان ڄمي بيٺل رهيو، هن تعليم، صحت ۽ سماجي ڀلائي سميت مختلف شعبن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، کيس سندس خدمتن تي مختلف ايوارڊز سان نوايو ويو، جمهوريت ۽ پٺتي پيل طبقن جي لاءِ سندس خدمتون مشعل راهه آهن، سندس خدمتون وڏي عرصي تائين ياد رهنديون.