ڪوئٽا -15 اپريل (اي پي پي) بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ شمس آباد وٽ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي گاڏي ويجهو موٽر سائيڪل ۾ لڳل ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 16 زخمي ٿي پيا. ڊي ايس پي مستونگ مير محمد يونس مگسي موجب اڱاري ڏينهن صبح جو قلات کان ايندڙ اسان جا جوان مستونگ ويجهو پي اين پي جي ڌرڻي واري هنڌ ڊيوٽي ڏيڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته اوچتو مستونگ دشت روڊ تي بلوچستان ڪانسٽيبلري جي گاڏي ويجهو موٽر سائيڪل ۾ لڳل ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪي سان ڦاٽي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا. جڏهن ته 16 زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ ممتاز اسلم، دل وش، محمد حيات، عدنان احمد، قدير احمد، الله داد، علي محمد، عبدالصمد، عادل علي، محمد سليم، قربان علي، عبدالمالڪ، رياض احمد، ظهور، نثار احمد، عبدالغياث ۽ ممتاز شامل آهن. پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز واقعي واري هنڌ پهچي شهيد اهلڪارن ۽ زخمين کي فوري طور مقامي اسپتال منتقل ڪيو جتان زخمين کي وڌيڪ علاج لاءِ ڪوئٽا منتقل ڪيو پيو وڃي. پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز علائقي جي ناڪابندي ڪري جوابدارن جي ڳولها ۽ وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڌماڪي جي فورن بعد ڪوئٽا ۽ ٻين علائقن ۾ سيڪيورٽي قدم سخت ڪيا ويا.بلوچستان حڪومت جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي، ته بولان ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۽ سول اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڌماڪي جي زخمين کي ڪوئٽا منتقل ڪيو پيو وڃي. ترجمان موجب بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي زخمين کي بهتر طبي امداد جي فراهمي جون هدايتون ڪري ڇڏيون آهن. وڏي وزير بلوچستان جي صحت واري صوبائي وزير بخت محمد ڪاڪڙ کي زخمين جي علاج جي سڌي ريت نگراني ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي، ته زخمين جي علاج ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. ترجمان موجب بلوچستان حڪومت واقعي جي شديد مذمت ڪري ٿي ۽ شهيدن جي وارثن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. بلوچستان حڪومت چيو آهي، ته واقعي ۾ ملوث عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن.