ٽوڪيو _ 15 اپريل (اي پي پي ) جاپان چيو آهي ته هو ٽيرف جي حوالي سان آمريڪا سان ايندڙ واپاري ڳالهين دوران ڪنهن معاهدي ۾ جلدي نه ڪنداسين ، پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه جاپان جي وزيراعظم شيگروايشيبا نمائندن جي ايوان جي بجيٽ ڪميٽي جي اجلاس دوران چئي . پارليامينٽ ۾ ٿيل بحث آمريڪا طرفان ڪيل تازي ٽيرف قدم تي هو جيڪو جاپاني روانگي واپار تي نمايان ناڪاريي اثر پوڻ لاءِ هو. جاپاني حڪومت هن هفتي شروع ٿيندڙ ٻه طرفين ڳالهين جي تياري ڪري رهي آهي . آمريڪا طرفان متعارف ڪرايل ٽيرف قدم جاپان جي جنهن شعبي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي پيدا ڪئي آهي اهو آٽو موبائل آهي . 2024 ع ۾ جاپان جو آمريڪا ڏانهن آٽو موبائل جو روانگي واپار ان جي ڪل روانگي واپار جو 28.3 سيڪڙو بڻجي ٿو . جاپان آٽو مينو فيڪچرز ايسو سي ايش مطابق 2024 ع ۾ اٽڪل 1.37 ملين گاڏيون آمريڪا ڏانهن روانگي واپار ڪيون ويون ، آٽو موبائل انڊسٽري جي مختلف شعبن سان گڏ وسيع رابطن سبب جاپان ۾ لاڳاپيل صنعتون جهڙوڪ اسٽيل ۽ ڊسٽري بيوشن به شديد متاثر ٿينديون .