واشنگٽن – 15 اپريل (اي پي پي) آمريڪا جي توانائي واري وزير ڪرس رائٽ چيو آھي ته آمريڪا سعودي عرب سان ايٽمي سھڪار جي معاھدي جي تفصيلن جو جلد اعلان ڪندو. پرڏيھي خابرو اداري مطابق آمريڪي وزير هن وقت سعودي عرب جو دورو ڪري رھيو آھي. سندس چوڻ آھي ته سعودي عرب ايٽمي توانائي جي ترقي ۾ دلچپسي رکي ٿو ۽ صنعت، خاص طور ايٽمي توانائي کي خصوصي اھميت ڏئي ٿو. آمريڪا ايندڙ ھفتن دوران توانائي جي شعبي ۾ جامع سھڪار جي ھڪ سمجھوتي تي صحيحيون ڪرڻ جي تياري ڪري رھيو آھي. ھن چيو ته شايد ان کانپوءِ ڪجھه مھينن اندر ايٽمي توانائي جي تعين لاءِ معاھدو طئي ٿيندو. آمريڪي وزير ڪرس رائٽ چيو ته سعودي عرب اھم معدنيات وارو ملڪ آھي جنھن ۾ يورينيم شامل آھي. مملڪت پرامن ايٽمي ذريعن مان توانائي پيدا ڪرڻ جي پنھنجي صلاحيت وسيع ڪرڻ جي واضح خواھش رکي ٿي. ان جي ڀيٽ ۾ آمريڪا ايٽمي واپاري توانائي جي ٽيڪنالاجي جي ترقي ۾ ڊگھو تجربي رکي ٿو. توانائي واري وزير مطابق آمريڪي ۽ سعودي حڪومتن وچ ۾ (سول) ايٽمي توانائي جي صنعت تعمير ڪرڻ لاءِ سھڪار کي بھترين صورت جي حوالي سان ڳالھه ٻولھه جي اڳئين مرحلي ۾ آھي. رائٽ وڌيڪ چيو ته مان سمجھا ٿو ته اسان ھلندڙ سال ان سلسلي ۾ اھم اڳڀرائي ڏسنداسين. آمريڪي وزير واضح ڪيو ته اسان جو ملڪ ان شعبي ۾ سعودي عرب سان ڊگھي عرصي واري شرڪتداري جو خواھشمند آھي.