اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان اسرائيلي قابض فوج پاران غزه ۾ بيپٽسٽ اسپتال تي بمباري جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو حملو طبي سهولتن کي نشانو بڻائڻ جو حصو ۽ عالمي انساني قانونن جي واضح خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهو حملو پام سنڊي تي پيش آيو جيڪو عيسائين جي لاءِ هڪ مقدس موقعو آهي ۽ اهو اسرائيل جي مذهبي تقدس ۽ شهري زندگين کي واضح نظرانداز ڪرڻ جي نشاندهي ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان اسرائيل جي جاري ظلمن کي فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت معصوم فلسطينين جو انڌاڌنڌ قتل ۽ شهري انفراسٽرڪچر کي منظم طريقي سان تباهه ڪيو پيو وڃي. ترجمان چيو ته اسرائيل جي لاتعداد حملن غزه جي صحت جي سارسنڀال جي نظام کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان شديد بيمار مريضن کي طبي امداد کان محروم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته انساني امداد جي ناڪابندي سان گڏجي اهي قدم مصيبتن کي ڊيگهه ڏيڻ ۽ تڪرارن کي وڌائڻ جي لاءِ ڄاڻي واڻي حڪمت عملي جي عڪاسي ڪن ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان اسرائيلي قابض فوج پاران دشمني کي فوري طور تي روڪڻ جو مطالبو ڪري ٿو ۽ ٻه رياستي حل جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو جنهن ۾ جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ قابل عمل، آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جو قيام شامل آهي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. بيان ۾ پاڪستان عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيل کي جوابده قرار ڏيڻ ۽ فلسطيني شهرين کي وڌيڪ تشدد کان بچائڻ جي لاءِ فيصلائتا قدم کڻي.