اسلام آباد- 15 اپريل (اي پي پي) شاهه سلمان هيومنٽيرين ايڊ اينڊ رليف سينٽر مسام جي ٽيمن هلندڙ مهيني جي ٻئي هفتي دوران يمن جي مختلف علائقن مان 955 بارودي سرنگون صاف ڪيون . پرڏيهي ميڊيا موجب مسام سينٽر پاران صاف ڪيل بارودي سرنگن ۾ 24 ٽينڪ شڪن ۽ هڪ انسانن لاءِ لڳايل بارودي سرنگون شامل هيون . سينٽر جي ٽيمن مختلف هنڌن تان 913 ڌماڪيدار مواد ۽ 17 بم به هٿ ڪري انهن کي ناڪارا بڻائي ڇڏيو. مسام جي ٽيمن عدن ڪمشنري ۾ 851 ڌماڪيدار مادو جڏهن ته 17 بم ناڪارا بڻايا جڏهن ته الحديده ڪمشنري ۾ انسانن لاءِ فوتگين جو سبب بڻجندڙ هڪ تباهه ڪن بارودي سرنگ کي ڪڍيو جڏهن ته لحج ڪمشنري ۾ ڌماڪيدار مواد جا ٽي ذخيرا به هٿ ڪيا.