نيويارڪ _ 15 اپريل (اي پي پي ) آمريڪي رياست نيويارڪ ۾ ننڍو جهاز ڪري تباهه ٿي ويو جنهن ۾ سوار سمورا 6 ڄڻا فوت ٿي ويا . پرڏيهي ميڊيا مطابق فوت ٿي ويلن ۾ پائلٽ ۽ نيورو سرجن مائيڪل گروف، سندس زال ۽ ٻار شامل آهن. ٽوڊانمين چيو ته جهاز ڪريش ٿيڻ کان اڳ نطر اچڻ جي سگهه تمام گهٽ هئي پر پائلٽ ماهر هو ۽ ڪاڪ پٽ کي تازوئي اپ ڊيٽ ڪيو ويو هو. واضح رهي ته ان حادثي کان هڪ هفتو اڳ به هڊسن درياهه ۾ هڪ هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو هو جنهن ۾ 6 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.