اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي ) پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين ايڊيشن ۾ اڄ (اربع ڏينهن) واحد ميچ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ملتان سلطانز وچ ۾ کيڏي ويندي . پي سي بي جي اهتمام هيٺ پي ايس ايل جي 10هين ايڊيشن جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آهي . اربع ڏينهن ليگ جي ستين ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ ملتان سلطانز جون ٽيمون راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، راولپنڊي ۾ مقابلو ڪنديون . ميچ رات جو 8 وڳي شروع ٿيندي ۽ فلڊ لائٽس جي روشني ۾ کيڏي ويندي . اسلام آباد يونائيٽد جي قيادت شاداب خان ڪري رهيو آهي ۽ ٻين نمايان رانديگرن ۾ ڪولن منرو، جيسن هولڊر، نسيم شاهه، عماد وسيم، سلمان علي آغا ۽ ٻيا شامل آهن . ملتان سلطانز جي اڳواڻي وڪٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان ڪري رهيو آهي ۽ ٻين اهم رانديگرن ۾ مائيڪل بريسويل، ڊيوڊ ويلي، شائي هوپ، ڪرس جارڊن ، محمد حسنين ، اوسامه مير، عثمان خان ، افتخار احمد ۽ ڪامران غلام شامل آهن. ٽورنامينٽ جو فائنل 18 مئي تي قذافي اسٽيڊيم، لاهور ۾ کيڏيو ويندو .