اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل شرلي بوچوي سان سومر ڏينهن ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم کيس عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان پاران سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل کي جلد کان جلد پاڪستان اچڻ جي دعوت پڻ ڏني. سيڪريٽري جنرل نائب وزيراعظم ۽ پاڪستان جي مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيا جيڪا کيس سيڪريٽري جنرل جي طور تي چونڊجڻ لاءِ ملي آهي. هن چيو ته هو ويجهي مستقبل ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو منتظر آهي.