اسلام آباد -14 اپريل (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، انهن جي درپيش سمورن مسئلن جي حل لاءِ پرڏيهي وزارت، ناڻي وزارت، سمنڊ پار پاڪستانين جي وزارت، اسٽيٽ بئنڪ ۽ نادرا سميت سمورن لاڳاپيل ادارن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي جيڪا مسئلن جي حل لاءِ تجويزون مرتب ڪري وفاقي ڪابينه کي پيش ڪري، قومي اسيمبلي ۾ انهن مسئلن جي حل لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني جيڪڏهن سمجهن ٿا ته کين اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ملڻ گهرجي ته هو ان سلسلي ۾ پنهنجي پنهنجي پارٽين سان ڳالهائين، ڪا به ڳالهه آخري ناهي هوندي هي ملڪ جا حقيقي سفير آهن. کين اها عزت ملڻ گهرجي جنهن جا هو حقدار آهن. انهن خيالن جوا ظهار هن گذريل ڏينهن اوورسيز پاڪستانيز جي پهرين سالياني ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. اسپيڪر چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن ڇو ته انهن پاران ڏيهه موڪليل ناڻو اسان جي روانگي واپار کان به وڌيڪ آهي، جيڪڏهن اسان ايڪسپورٽرز کي رليف ڏئي سگهون ٿا ته کين به رليف ڏيڻ گهرجي. هن تجويز ڏني ته ملڪ جي خدمت ڪندڙ انهن پاڪستانين کي به اعزاز طور سفير مقرر ڪيو وڃي. سردار اياز صادق چيو ته جيڪي مسئلا ڪنوينشن ۾ بيان ڪيا ويا آهن مان انهن جي مڪمل تائيد ڪيان ٿو، جيڪڏهن انهن جي حل لاءِ پرڏيهي وزارت، ناڻي وزارت، سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت، اسٽيٽ بئنڪ ۽ نادرا سميت سمورن لاڳاپيل ادارن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي جيڪا انهن طرفان بيان ڪيل سمورن مسئلن جي حل لاءِ سفارشون مرتب ڪري ۽ انهن جي فائدن ۽ نقصانن جو به جائزو وٺڻ لاءِ بعد ۾ حتمي رپورٽ وفاقي ڪابينه کي پيش ڪري جنهن تي قومي اسيمبلي ۾ بحث ڪرايو وڃي ۽ ان کان پوءِ انهن جي حل لاءِ باقاعده قانون سازي ڪئي وڃي. اسپيڪر چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي پاسپورٽس ۽ شناختي ڪارڊز جا مسئلا آهن. انهن جي حل لاءِ آن لائين سسٽم لاڳو ڪرڻ گهرجي، ملڪ ۾ هن وقت ڊجيٽلائيزيشن تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ پيپر ليس سسٽم طرف اسان وڃي رهيا آهيون. ڪنهن به پاڪستاني کي آفيس ۾ وڃڻ جي ضرورت نه هئڻ گهرجي. هن کي گهر ويٺي آن لائين خودڪار نظام تحت پنهنجو پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي سهولت ڏيڻ گهرجي.