اسلام آباد -14 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير احمد فاروق چيو آهي، ته نار سهڪار ڪائونسل جي خطي ۾ هن وقت 55 لک کان وڌيڪ پاڪستاني رهن ٿا، جيڪي نه رڳو اتي جي معيشت جو حصو آهن پر پاڪستان لاءِ به معاشي لحاظ کان ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا. گذريل ڏينهن اوورسيز پاڪستانيز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته اوورسيز پاڪستانين جو ملڪي معاشي استحڪام ۾ انتهائي اهم ڪردار آهي، خاص طور تي پرڏيهه مان ڏيهه موڪليل ناڻي ذريعي هو پاڪستان جي معيشت جي استحڪام ۾ مسلسل ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. سفير ٻڌايو ته سعودي عرب جي وڏن تعميراتي ۽ ترقياتي منصوبن ۾ گهڻي ڀاڱي پاڪستاني ڪارڪن شامل آهن، جيڪي پنهنجي محنت ۽ صلاحيتن سان اتي جي انفراسٽرڪچر ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سعودي عرب ۽گڏيل عرب امارات ۾ تازين برساتن ۾ ڪيتريون ئي هاڪاري تبديليون ظاهر ٿي رهيون آهن جن سان پاڪستانين لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، انهن تبديلين ۾ مزدورن جي حقن جو تحفظ، ويزا پاليسي ۾ نرمي ۽ هنرمند ماڻهن لاءِ روزگار جا نوان موقعا شامل آهن.