اسلام آباد-14 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته عوامي مالياتي نظم و نسق ۽ ترقياتي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ درپيش مالي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ آءِ ايف سي جهڙن عالمي ادارن جي مهارت ۽ مالي وسيلن مان فائدو کڻڻ آڻٽر آهي. هن اها ڳالهه انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن جي هڪ اعليٰ سطح جي وفد سان ملاقات ۾ چئي، جنهن جي اڳواڻي آءِ ايف سي جي پبلڪ پرائيويٽ پرائيويٽائزيشن ۽ ڪارپوريٽ فنانس ايڊوائيزري بابت گلوبل ڊائريڪٽر لنڊراودو مونينگيٽر ووا ڪري رهي هئي. هي ملاقات ناڻي واري وزارت ۾ منعقد ٿي. ملاقات دوران مونينگيٽر ووا پاڪستان سان آءِ ايف سي جي عزم کي ورجايو ۽ ملڪ ۾ جاري ميڪرو اڪنامڪ سڌارن، سيڙپڪاري ۽ نجڪاريءَ جي قدمن جي حمايت ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. وفد ٻُڌايو ته هو پاڪستان ۾ هڪ کُليل ذهن سان آيا آهن ته جيئن مارڪيٽ جو جائزو وٺن ۽ اهم سرڪاري اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ڪري ممڪنه سيڙپڪاري جي شعبن جي نشاندهي ڪري سگهن. وفد ٻُڌايو ته آءِ ايف سي کي سڄي دنيا ۾ مختلف شعبن انفراسٽرڪچر، توانائي، ٽرانسپورٽ، عوامي ماليات ۽ نجڪاريءَ ۾ وسيع تجربو حاصل آهي، جنهن کي پاڪستان جي ترقياتي ايجنڊا ۾ معاونت لاءِ ڪتب آڻي سگهجي ٿو. وفد پاڪستان سان امڪاني حصيداري ۽ سيڙپڪاريءَ جا موقعا تلاش ڪرڻ ۾ ڀرپور دلچسپي ظاهر ڪئي. ناڻي واري وزير آءِ ايف سي جي وفد جي آجيان ڪندي مختلف شعبن ۾ اداري جي فني مهارت ۽ مشاورتي تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ميڪرو اڪناڪ استحڪام بحال ٿي چڪو آهي جيڪو معيشت جي مضبوطيءَ جا بنياد فراهم ڪري ٿو. ناڻي واري وزير ان استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ ڊگهي مدي واري پائيدار معاشي ترقيءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجايو. هن اعتراف ڪيو ته عوامي مالياتي جي نظم و نسق ۽ ترقياتي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ درپيش مالي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ عالمي ادارن جهڙوڪ آءِ ايف سي جي مهارت ۽ مالي وسيلن مان فائدو کڻڻ اڻٽر آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جهڙن ماڊلز ذريعي ضروري سڌارا لاڳو ڪرڻ ۽ توانائي، ٽرانسپورٽ ۽ انفراسٽرڪچر جي مؤثر نظام جي ترقيءَ کي ممڪن بنائي سگهجي ٿو. آءِ ايف سي جي وفد پاڪستان ۾ ڌُرين سان ويجهي حصيداريءَ کي ورجايو ۽ ڊگهي مُدي وارين ۽ جامع معاشي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ مشاورتي خدمتن ۽ـ سيڙپڪاريءَ جي معاونت فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.