ڪراچي-14 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٽريفڪ پوليس کي هدايتون ڏيندي چيو آهي ته شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سخت اپاءَ ورتا وڃن ۽ ٽريفڪ قانونن تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته شھر جي روڊن تي هيوي گاڏين جي رفتار 30 ڪلوميٽر في ڪلاڪ مقرر ڪئي وئي آهي، ان تي عملدرآمد ڪيو وڃي. ھن چيو تھ هيلمٽ کان سواءِ موٽر سائيڪل هلائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ھن وڌيڪ چيو ته فينسي نمبر پليٽن ۽ ڪارن شيشن واري گاڏين کي فوري چالان ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته اَن فِٽ ۽ غير رجسٽرڊ گاڏين خلاف زيُرو ٽالرنس پاليسي تي عمل ڪيو وڃي. ٻئي طرف ان حوالي سان ٽريفڪ پوليس پاران 4 کان 14 اپريل 2025ع تائين جي اڳڀرائي رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪئي وئي. رپورٽ موجب هيلمٽ نه پائڻ ۽ قانون جي ڀڃڪڙي تي 7860 موٽر سائيڪلون ضبط ڪيون ويون آهن ۽ فينسي نمبر پليٽن ۽ ڪارا شيشا لڳل 596 گاڏين خلاف به ڪارروائي ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ 193 هيوي ٽرانسپورٽ گاڏيون (ڊمپر ۽ ٽينڪر) فٽنيس ۽ مقرر ڪيل رفتار کان تيز هلائڻ تي چالان ڪيون ويون آهن. ٽريفڪ پوليس طرفان رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته 25 گاڏين جي فٽنيس نه هجڻ سبب رجسٽريشن مستقل طور رد ڪئي وڃي، جڏهن ته 144 گاڏين جي رجسٽريشن عارضي طور معطل ڪئي وڃي.