تل ابيب-14 اپريل (اي پي پي) قديمي آثارن جي عرب ماهر عبدالله محسن انڪشاف ڪيو آهي، ته 16 اپريل تي هڪ اسرائيلي نيلامي ۾ يمن سان تعلق رکندڙ مجسمو پيش ڪيو ويندو، پرڏيهي ميڊيا موجب هن فيس بڪ تي پنهنجي پوسٽ ۾ ٻڌايو ته ٽامي جو مجسمو ابو الهول جو هڪ ننڍو مجسمو جيڪو يمن جي قديمي آثارن سان تعلق رکي ٿو، اربع 16 اپريل 2025ع تي تل ابيب ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو، اهو مجمسو شلوموموسائيف گروپ (1925-2015) مان آهي. هو بخارا سان تعلق رکندڙ هڪ مشهور واپاري ۽ يهودي نوادرات گڏ ڪندڙ جو آهي.