واشنگٽن -14 اپريل (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته جلد ئي سيمي ڪنڊڪٽر انڊسٽري جي مصنوعات تي ٽيڪس لڳائڻ جو ارادو رآهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب جهاز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سيمي ڪنڊڪٽر انڊسٽري جي مصنوعات تي ٽيرف ويجهي مستقبل ۾ لاڳو ٿيندا. واضح رهي ته ان کان اڳ آمريڪي واپار واري وزير چيو هو ته آمريڪي انتظاميه سمارٽ فونز، ڪمپيوٽرن ۽ ٻين اليڪٽرانڪس جي فراهمي کي عارضي ٽيڪس کان ڇوٽ قرار ڏنو آهي. هن مطابق اختياريون بعد ۾ ڌار ڌار سيڪٽرل ٽيرف لڳائڻ جو ارادو رکن ٿيون. هن اهو به نوٽ ڪيو ته اهي شيون سيمي ڪنڊڪٽرز جي زمري ۾ اينديون. جن تي ”هڪ يا ٻن مهينن ۾“ ٽيڪس لڳايا ويندا.