مونٽي ڪارلو-14 اپريل (اي پي پي ) اسپين جي مشهور ٽينس اسٽار۽ ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊڊ ڪارلوس الڪاراز پنهنجي ڪاميابين جي روايت برقراررکندي مونٽي ڪارلو ماسٽرز ٽينس ٽورنامينٽ کٽي ورتو آهي. 21 ورهين جي اسپين جي ٽينس اسٽار مردن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ميچ ۾ اٽلي جي ٽينس اسٽار لورينزوموسيٽي کي شڪست ڏئي ڪيريئر جو 18هون ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. اي ٽي پي ماسٽرز ٽورنامينٽ جا دلچسپ مقابلا مونٽي ڪارلو ڪنٽري ڪلب ۾ جاري آهن . مردن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ميچ ۾ اسپين جي 21 سالن جي ٽينس اسٽار ڪارلوس الڪاراز شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي اٽلي جي مخالف رانديگر لورينزو موسيٽي کي پهرين سيٽ ۾ 3-6 جي شڪست باوجود ايندڙ ٻڻهي اسٽريٽ سيٽس ۾ 6-1 ۽ 6-0 تان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. اها ڪارلوس الڪاراز جي ڇهين اي ٽي پي ماسٽرز 1000 ٽرافي آهي جيڪا هن پنهنجي نالي ڪئي آهي. جڏهن ته مجموعي طور ان فتح بعد اي تي پي ۾ سندس ٽائٽلز جو انگ 18 ٿي ويو آهي.