لاهور-13 اپريل (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد
يوسف چيو آهي ته ملڪ ۾ امن امان برقرار رکڻ حڪومت جي پهرين ترجيح
آهي، مذهبي هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ ۽ فرقيواريت جي روڪٿام لاءِ قدم جاري
آهن، ملڪ دشمن ڌرين جي سازشن کي ناڪام بڻايو ويندو، فلسطينن تي اسرائيلي
ظلمن جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا، مذهب جي آڙ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي اجازت نه ڏني
ويندي، اقليتن جي حقن جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي. اهڙو اظهار هن
ڪالهه مقامي هوٽل ۾ رٿيل بين المذاهب هم آهنگي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي
ڪيو. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چيو ته هو انساني جذبي سان سرشار ٿي
اقليتن جي خدمت ڪرڻ چاهي ٿو، اسان کي پنهنجي عقيدي موجب محبت ۽
ڀائيچاري سان زندگي گذارڻ گهرجي. مذهبي معاملن واري وزارت اهڙو لائحه
عمل طئي ڪندي جنهن سان مذهبي هم آهنگي کي هٿي ملندي. سردار محمد
يوسف چيو ته حڪومت ڪوشش ڪندي ته ڪٿي به تعصب نه هجي، غير ملسم
کي قانون موجب کين حق ۽ رعايتون ملڻ گهرجن. وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾
امن جي قيام لاءِ آرمي چيف ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، سازش ڪندڙ
ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، رياست دشمن ڌرين جو ڀرپور مقابلو ڪنداسين.
پاڪستان ۾ اقليتن جا ڏڻ سرڪاري طور ملهايا وڃن ٿا، گذريل مهيني سمورا
مذهبي ڏڻ ويساکي، هولي، نوروز ۽ عيد به هڪ ئي مهيني گڏ ملهايا ويا. وفاقي
وزير چيو ته حڪومت فرقيواريت جي روڪٿام لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري
رهي آهي ته جيئن ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائي سگهجي،
مذهب جي آڙ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. جيڪي به گروهه مذهبي
جهيڙا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا ته کين قانون موجب سزا ڏني ويندي. وفاقي
وزير چيو ته ڪي پي ۽ بلوچسان ۾ دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽
پاڪ فوج هڪ پيج تي آهن، هر ان سازش کي ناڪام بڻايو ويندو جنهن سان
صوبي ۾ امن امان جي فضا خراب ٿيڻ جو خدشو هجي. پاڪستان مضبوط ۽
مستحڪم هوندو ته عوام خوشحال ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته عالمي طاقتون
اسرائيلي ظلم۽ ڏاڍ سان غزه جي مائرن، ڀينرن ۽ ٻارن تي بمباري جي مذمت ته
ڪن ٿيون پر بدقسمتي سان فلسطين، غزه ۽ ڪشمير ۾ امن قائم نه ڪري
سگهيون، غزه ۾ امن معاهدي باوجود بمباري ٿي رهي آهي جيڪا انسانيت لاءِ
شرم جوڳي ڳالهه آهي. غزه ۽ ڪشمير سميت هر جاءِ تي جتي به ظلم ۽ ڏاڍ ٿي
رهيو هجي اتي امن قائم ڪرڻ سلامتي ڪائونسل ۽ گڏيل قومن جي ذميواري
آهي.