راولپنڊي -13 اپريل (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ 2025ع جي سلسلي ۾
پنجين ميچ (اڄ) سومر تي دفاعي چيمپيئن اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ پشاور زلمي وچ ۾
راولپندي ڪرڪيٽ اسٽيديم ۾ کيڏي ويندي. ميچ رات جو 8 وڳي شروع ٿيندي.
اسلام آباد يونائيٽيڊ کي شاداب خان ليڊ ڪندو جڏهن ته پشاور زلمي جي ٽيم بابر
اعظم جي اڳواڻي ۾ ميدان ۾ لهندي. پي ايس ايل جي ان اهم مقابلي ۾ ٻئي ٽيمون
پوائنٽس ٽيبل تي پنهنجي پوزيشن بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون. ڪرڪيٽ
جا شوقين راولپنڊي جي ان تاريخي اسٽيڊيم ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ دلچسپ ۽ سخت
مقابلي جي اميد ڪري رهيا آهن. ميچ جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون
ويون آهن جڏهن ته سيڪيورٽي جا پڻ سخت انتظام ڪيا ويا آهن.