اسلام آباد-12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چوڌري شجاعت
حسين کي مسلم ليگ (ق) جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي ان اميد جو
اظهار ڪيو ته مسلم ليگ (ق) سياسي پارٽي طور قانونساز اسيمبلين ۾ عوامي
امنگن جي ائين ئي نمائندگي ۽ ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا
ڪندي رهندي. وزيراعظم آفيس مان ڪالهه جاري ٿيل مبارڪن واري پيغام ۾
وزيراعظم چوڌري سالڪ حسين کي سينئر نائب صدر، طارق حسن کي جنرل
سيڪريٽري، چوڌري شافع حسين کي پارٽي جو پنجاب ۾ صدر، ڊاڪٽر محمد
امجد کي چيف آرگنائيزر ۽ غلام مصطفيٰ ملڪ کي مرڪزي اطلاعات
سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون. هن مسلم ليگ (ق) جي نئين چونڊيل
قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته مسلم ليگ (ق) حڪومت جي
اهم اتحادي سياسي پارٽي آهي جنهن گذريل حڪومتي دور ۾ پاڪستان جي
معاشي استحڪام ۽ ترقي لاءِ پنهنجي سياست جي قرباني ۾ سڀني اتحادين جو
ساٿ ڏنو.