منسڪ – 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بيلاروس جي
گادي واري شهر منسڪ ويجهو مائننگ ڊمپ ٽرڪن، تعميراتي ۽ کاڻين جي
کوٽائي واري ڳري مشينري ۽ گاڏيون تيار ڪندڙ فيڪٽري ”بيلاز“ جو دورو
ڪيو. هن تعمير ۽ ترقي ۾ مددگار عالمي فيڪٽري جي مصنوعات ۾ گهري
دلچسپي ڏيکاريندي دوري کي انتهائي متاثر ڪندڙ ۽ فيڪٽري کي هڪ عظيم
منصوبو قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان کي اعليٰ معيار جي ڳري مشينري ۽
مصنوعات جي ضرورت آهي. هن بيلاروس جي وزيراعظم کي پاڪستان جي
دوري جي دعوت ڏيندي چيو ته گڏجي ويهي گڏيل منصوبن ۽ فيڪٽري جي
مصنوعات ۽ سازو سامان تي ڳالهه ٻولهه ڪنداسين. ان کان پهرين بيلاروس جي
وزيراعظم اليگزينڊر تورچن بيلاز آمد تي وزيراعظم جي آجيان ڪئي.
وزيراعظم کي فيڪٽري جو تفصيلي دورو ڪرايو ويو ۽ بريفنگ ڏني وئي.
بريفنگ دوران کيس ٻڌايو ويو ته اها فيڪٽري 1948ع ۾ قائم ڪئي وئي ۽ هتي
کاڻين جي کوٽائي ۾ استعمال ٿيندڙ اوزار تيار ڪيا ويندا آهن ۽ 1951ع ۾ هتي
گاڏين جو ٻيو سامان تيار ڪرڻ جي به شروعات ڪئي وئي. وزيراعظم محمد
شهباز شريف کي بيلاز فيڪٽري جي ورڪنگ ۽ مصنوعات جي تياري جي
حوالي سان بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 1958ع 25 ٽن جي صلاحيت وارين ٽرڪن
جي پيداوار شروع ڪئي وئي ۽ 1961ع ۾ وڌيڪ وزن کڻي سگهندڙ ڊمپ
ٽرڪن جي پيداوار شروع ڪئي وئي. وزيراعظم فيڪٽري ۾ تيار ٿيندڙ ڳري
مشينري ۽ ٻئي سامان ۽ اوزارن ۾ گهري دلچسپي ڏيکاريندي ان حوالي سان
مختلف سوال پڻ ڪيا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 1961ع کان بيلاز ۾ ٽرڪون پڻ
تيار ڪيون پيون وڃن جن ۾ اليڪٽرڪ ٽرڪ ۽ هائبرڊ ڊمپ ٽرڪ پڻ شامل
آهن. اليڪٽرڪ ڊمپ ۽ بيٽري تي هلندڙ ٽرڪ 490 ٽنن تائين وزن کڻڻ جي
صلاحيت رکن ٿا. هيوي ڊمپ ٽرڪون تيار ڪندڙ يونٽ ۾ وزيراعظم کي کاڻين
جي کوٽائي ۽ ڪوئري مشينري ۽ ٽرڪن جي باري ۾ به بريفنگ ڏني وئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئري مشينري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار
ڪيو ۽ گاڏين جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ اوزارن جي باري ۾ پڇا ڪئي، جنهن
تي کيس ٻڌايو ويو ته ڳرين گاڏين جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ پرزا مقامي طور
تيار ڪيا ويندا آهن جڏهن ته ڪجهه انجڻيون ٻاهران گهرايون وينديون آهن ۽
ٽائر پڻ بيلاروس ۾ تيار ٿيندا آهن. هن چيو ته پاڪستان کاڻين جي کوٽائي ۽
ڪوئري ۾ استعمال ٿيندڙ مشينري ۽ وڏين ٽرڪن مان پيداواري فائدا حاصل
ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته فيڪٽري ۾ تيار ٿيندڙ مصنوعات ۽
مشينري پاڪستان کي پڻ فراهم ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته بيلاز فيڪٽري جي
تيار ٿيل مشينري ۽ ٻيون مصنوعات گذريل سال 22 مختلف ملڪن کي اماڻيون
ويون. وزيراعظم جي سوال تي ٻڌايو ويو ته کاڻين جي کوٽائي ۽ ڪوئري ۾
استعمال ٿيندڙ هيوي ڊمپ ٽرڪ فيڪٽري ۾ تيار ڪيا ويندا آهن. وزيراعظم
محمد شهباز شريف اليڪٽرڪ بس ۾ سوار ٿي فيڪٽري جي مختلف حصن جو
دورو ڪيو. بريفنگ دوران وزيراعظم مختلف شعبن جي دوري دوران انجنيئرن
کان روسي ٻولي ۾ مختلف سوال پڇيا ۽ ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. دوري جي پڄاڻي
تي ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بيلاز ۾ تيار ٿيندڙ مشينري ۽
اوزار پاڪستان ۾ به پيداواري مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿا. هن
بيلاروس جي وزيراعظم کي دعوت ڏني ته ان حوالي سان اعليٰ سطحي وفد
پاڪستان جو دورو ڪري ته جيئن ان حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪري
سگهجي. هن چيو ته اسان کي فيڪٽري مصنوعات تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه جي
ضرورت آهي ته جيئن گڏيل سهڪار ۽ جوائنٽ وينچرز تي حڪمت عملي
جوڙي سگهجي. هن چيو ته اسان کي اعليٰ معيار جون مصنوعات گهربل
هونديون. هن چيو ته منهنجو دورو انتهائي ڪامياب رهيو آهي. بيلاز فيڪٽري
جي دوري بنا منهنجو بيلاروس جو دورو نامڪمل هجي ها. هن مهمان نواز تي
بيلاروس جي قيادت جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته پنهنجي ايندڙ دوري جي
موقعي تي آئون بيلاز پلانٽ جو تفصيلي دورو ڪرڻ چاهيندس. هن چيو ته اسان
پاڪستان ۾ به اهڙي قسم جو پلانٽ لڳائڻ چاهينداسين. وزيراعظم محمد شهباز
شريف بيلاروس جي وزيراعظم اليگزينٽر تورچن کي باقاعده پاڪستان جي
دوري جي دعوت ڏني جنهن تي بيلاروسي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو دورو
ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه هوندي ۽ اهو دورو ڪرڻ مون کي خوشي
ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني اختيارين کي هدايت ڪئي ته ان
دوري دوران جيڪي معاملا طئي ڪيا ويا آهن انهن تي عمل ٿيڻ گهرجي. بيلاز
جي دوري جي موقعي تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ وفاقي وزير عطاءُ الله
تارڙ، ڄام ڪمال خان ۽ عبدالعليم به وزيراعظم سان گڏ هئا.