ڪراچي-11 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان اٽلي جي قونصل جنرل فابريزيو بيئلي جمعي ڏينهن گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، واپاري سهڪار، ۽ وفدن جي مٽاسٽا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر اٽلي سان اقتصادي ۽ واپاري رابطن کي زور وٺائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ صوبو سيڙپڪاري لاءِ پرڪشش موقعا فراهم ڪري ٿو، ۽ اٽلي جا سيڙپڪار هتان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿا. قونصل جنرل فابريزيو بيئلي پاڪستان ۽ اٽلي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم کي ورجايو. هن گورنر هائوس ۾ وڻڪاري مهم تحت ٻوٽو لڳايو، جهنڊو ڦڙڪايو ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات لِکيا.