ڪراچي-11 اپريل (اي پي پي)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته غير قانوني پناهگيرن بابت سڄي دنيا ۾ خاص قانون آهن. ڪير به ڪٿي به غير قانوني طور تي نٿو رهي سگهي پهرين اپريل کان وٺي، سنڌ مان 991 پناهگيرن کي واپس موڪليو ويو آهي، جن ۾ 476 مرد، 179 عورتون ۽ 336 ٻار شامل آهن. 220 ماڻهو اڃا تائين ڪئمپ ۾ آهن ۽ انهن کي بھ ملڪ بدر ڪيو ويندو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته هزارين پناهگير رضاڪاراڻي طور تي پنهنجي وطن واپس ويا آهن ۽ غير قانوني مھاجرن خلاف ڪارروايون جاري رھنديون. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت گاڏين ۾ بليو پوليس لائيٽس جي استعمال، رنگين شيشن ۽ هٿيارن جي نمائش جو سخت نوٽيس ورتو آهي. پوليس سان گڏ رينجرز کي به ڪارروائي جا اختيار ڏنا ويا آهن. ماڻهن کي پريشاني کان بچڻ لاءِ قانون جي پاسداري ڪرڻ گهرجي. صوبن جي سرحدي علائقن ۾ گڏيل چيڪ پوسٽ سسٽم لاڳو ڪرڻ جو بھ فيصلو ڪيو ويو آهي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سوشل ميڊيا بابت تفصيلي بحث ٿيو. سوشل ميڊيا تي بدتميزي ۽ نفرت جوڳو مواد پکيڙڻ خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ سرڪار، گهرو کاتي ۽ گهرو سيڪريٽري جي ذريعي، ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ ۽ نيشنل رسپانس سينٽر فار سائبر ڪرائم جي مدد سان، اهڙن سوشل ميڊيا اڪائونٽس خلاف ڪارروائي ڪندي جيڪي سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ڪن ٿا ۽ نفرت انگيز مواد پکيڙين ٿا. هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪجهه خانگي ريسٽورنٽس کي نقصان پهچايو ويو، هر ڪنهن جا جذبات آهن پر ڪنھن کي بھ اھڙو ڪجهه نه ڪرڻ گهرجي جنهن سان ملڪ کي نقصان پهچي، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ نه کڻڻ گهرجي، وڏا فيصلا ڪرڻ جو اختيار رياست وٽ آهي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته نومبر 2024 کان وٺي روڊ حادثن ۾ اوچتو اضافو ٿيو آهي، جنهن جي جاچ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير پاران هڪ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. اڳ ۾ به هيوي ٽريفڪ ۽ موٽرسائيڪلون هلنديون هيون، حادثن کي روڪڻ جي حوالي سان حڪومت قدم کڻي رهي آهي، سنڌ جي وڏي وزير ذاتي طور تي وڏا فيصلا ڪيا، ڪراچي ۾ ٽريفڪ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي، گذريل ٽن ڏينهن ۾ 250 هيوي ٽريفڪ گاڏيون ضبط ڪيون ويون آهن، ان ۾ ٽرڪ، ٽرالر، واٽر ٽينڪر شامل آهن، گاڏيون جيڪي ٽريفڪ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيون هيون يا فزيڪلي ان فٽ هيون انهن کي ضبط ڪيو ويو آهي. هيلمٽ پائڻ جو پهريون چالان 1000 رپيا، ٻيو چالان 1500 رپيا آهي. ماڻهن لاءِ 2,500 رپين جو هيلمٽ پائڻ بهتر آهي. سنڌ حڪومت سڀني ڳرين، هلڪين ۽ عوامي ٽرانسپورٽ وارين گاڏين ۾ ٽريڪر، ڊيش ڪيم ۽ انڊر رن پروٽيڪشن ڊيوائسز لڳائڻ لازمي قرار ڏنو آهي. ڪراچي ۾ ڳري ٽرانسپورٽ لاءِ رفتار جي حد 30 ڪلوميٽر في ڪلاڪ مقرر ڪئي وئي هئي. ڊرائيورن جي اوچتو منشيات جي واھپي جي جانچ کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي. ڊرائيورن جي جسماني ۽ ذهني صحت جو پڻ مڪمل جائزو ورتو ويندو. روڊ حادثن ۾ نومبر کان وٺي ھن وقت تائين 603 فوتگيون ٿيون آهن، جن مان 160 فوتگيون ڳري ٽرئفڪ جي ڪري ٿيون آهن. گذريل ٻن ٽن ڏينهن کان، ڪجهه سياسي پارٽين هن مسئلي تي سياست ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي آهي. اهي نفرت انگيز بيان ڏئي رهيا آهن ۽ غلط لهجو استعمال ڪري رهيا آهن. اهي ڀاءُ کي ڀاءُ سان ويڙھائڻ چاهين ٿا. سنڌ حڪومت جو واضح پيغام آهي ته جيڪو به فساد برپا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. جيڪڏهن ڪو حادثن جي آڙ ۾ فساد ڪرائڻ چاهي ٿو ته ان کي معاف نه ڪيو ويندو. جيڪي مئل سياست کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن انھن کي ٻڌائڻ چاھيان ٿو ته اهو دور گذري چڪو آهي ھاڻي توهان هن شهر کي يرغمال نٿا بڻائي سگهو، توهان بدمعاشي ذريعي ماڻهن جي ملڪيت کي نقصان نه ٿا پهچائي سگهو. هن چيو ته خيرپور ۾ قتل ٿيل صحافي اي ڊي شر جي قتل جا سبب صحافتي ذميواريون نه پر ذاتي آهن. شروعاتي جاچ ۾، سندس ويجهي دوست صحافي نياز دستي عرف نياز بادامي کي گرفتار ڪيو ويو. سندس ڪپڙن تي رت جا داغ پڻ مليا آهن. مقتول جي موٽرسائيڪل واقعي واري هنڌ کان هڪ ڪلوميٽر پري هٿ ڪئي وئي. سنڌ پوليس قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي ٻن ڏينهن اندر گرفتار ڪري ورتو آهي. قتل ڪيس ۾ پنج مرد ۽ هڪ عورت کي گرفتار ڪيو ويو آهي. مقتول صحافي جي قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پريس ڪانفرنس ۾ وڳوڙن جي ڌمڪي ڏيندڙ هاڻي ماڻهن کي بچائڻ لاءِ ڇو نه ٿا اڇن؟ اهي ماڻهن کي تشدد لاءِ استعمال ڪن ٿا. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾، هن چيو ته سياسي طور تي هر ڪنهن کي ريليون ڪڍڻ جو حق آهي، پر ڪنهن کي به تشدد جو رستو اختيار ڪرڻ جو حق ناهي. جيڪو به پرتشدد مظاهرو ڪندو ان خلاف قانون حرڪت ۾ ايندو.